SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رعايت- سهولت-مُروت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


رعايت- سهولت-مُروت

Concession

ڪنسيشن

مُذاڪراتي عمل دوران جڏهن هڪ ڌُر رضاڪارانه بُنيادن تي ٻي ڌُر کي ڪي خاص حق، رعايتون ۽ برتري ڏئي ٿي ته اُن سهڪار کي هن اصطلاح ذريعي واضح ڪيو وڃي ٿو. هي عمل دراصل ٻن مُلڪن وچ ۾ ڪنهن به واسطيداريءَ دوران، هڪ سگهاري ڌُر طرفان مُذاڪرات جاري رکڻ لاءِ رضامنديءَ ۽ سهولت ڀريي رويي جي نشاندهي ڪندي، روايتي اعتراضن ۽ شڪايتن کي پرڀرو رکڻ جي آگاهي ڏئي ٿو. ان سلسلي ۾ ”رعايت“ جو معيار، وقت ۽ سبب وڏي اهميت رکندا آهن. ڪنهن به هڪ طرفي رعايت جو مطلب اهو هوندو آهي ته ”رعايت“ ڏيندڙ ڌُر مُذاڪرات ۾ آيل رڪاوٽ کي ختم ڪري پيداٿيل بُحران ۾ فراخدليءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي . رياستي معاملن ۾ محدود حد تائين رعايت يا سهوليت کي ته هاڪاري اڳڀرائيءَ طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، پر ان ڏس ۾ لامحدود تعاون، آخرڪار نقصان جو سبب بڻجي رياست جي خودمختياريءَ کي نقصان پهچائي ٿو. انهيءَ ڪري ٻه-طرفيون يا گهڻ- طرفيون رعايتون/ سهولتون علائقي يا عالمي سياست ۾ خوشگوار تبديليون پيدا ڪري سگهن ٿيون.


Remember Me Also:

گڏر

صفت. ڳُئي هڻائيندڙ ، مفعول ، بدفعلي ڪرائيندڙ، بَدفعل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal